محمد حسين ترڪ

محمد حسين ترڪ

ترڪ محمد حسين

ترڪ، محمد حسين: اقتصادي ماهر ۽ ليکڪ محمد حسين ترڪ ولد محمد سليمان ترڪ 11 فيبروري 1916ع ۾ڳوٺ گهڙي تعلقي گولاڙچي، ضلعي بدين ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي تاريخي مدرسي مان حاصل ڪيائين، پوءِ ٽنڊي باگي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويو. اتان مئٽرڪ، جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي ويو ۽ ”ڪراچي پورٽ ٽرسٽ“ ۾ وڃي نوڪري ڪيائين. اتي ملازمت ۾ رهندي هن ڪاليج ۾ داخلا وٺي، بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي .اي جو امتحان پاس ڪيو. اڳتي هلي ايم. اي جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن لاءِ ”انڊسٽريل ڊولپمينٽ آف ڪراچي“ عنوان تي مونو گراف لکيائين، جنهن ڪم ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ غلام مصطفيٰ شاهه به سندس معاونت ڪئي. جولاءِ 1947ع ۾ برصغير جي ورهاڱي کان ٿورو اڳ، ڪراچيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي، جنهن جي پهرئين وائيس چانسلر اي. بي. اي حليم، محمد حسين ترڪ کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو آفيس سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو. ڪجهه مهينن کانپوءِ 1948ع ۾ کيس ترقي ڏئي ڊپٽي رجسٽرار مقرر ڪيو ويو. 1951ع ۾ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، تڏهن محمد حسين ترڪ کي ترقي ڏئي سينيئر ڊپٽي رجسٽرار مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي 1958ع تائين رهيو.
1958ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پهرئين رجسٽرار آغا تاج محمد جي وفات کانپوءِ محمد حسين ترڪ کي رجسٽرار مقرر ڪيو ويو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي تاريخ ۾ هي ٻئي رجسٽرار ڪافي مشهور رهيا آهن، ترڪ محمد حسين هن عهدي تي 1969ع تائين رهيو. سندس قابليت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته علامه آءِ. آءِ. قاضي، سنڌ يونيورسٽي مان وڃڻ وقت وزيٽرس بوڪ ۾ لکيو هو ته: ”محمد حسين ترڪ کي آءٌ وڏي عهدي تي ڏسڻ چاهيان ٿو.“ محمد حسين ترڪ رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه عرصي تائين هڪ انشورنس ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪيو. 1977ع ۾ جڏهن مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو قائم ٿي ته کيس ايڪسپرٽ طور يونيورسٽيءَ جي قاعدن قانونن ٺاهڻ جو ڪم سونپيو ويو، جيڪو هن نهايت خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏنو. اهي قاعدا قانون اڳتي هلي يونيورسٽيءَ جي مقرر ڪيل سمورين ڪاميٽين طرفان پاس ڪيا ويا. ان کانپوءِ کيس ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ مقرر ڪيو ويو. محمد حسين ترڪ، 1984ع کان 1988ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو. هوعلامه آءِ. آءِ. قاضي ميموريل سوسائٽيءَ جو تاحيات سيڪريٽري ۽ شاهه ولي الله اڪيڊميءَ جو تاحيات ميمبر به رهيو.
محمد حسين ترڪ نهايت قابل ۽ خدمت جو جذبو رکندڙ، هڏ ڏوکي انسان هو. هن سوين غريب ۽ ذهين شاگردن کي اسڪالر شپون ڏياريون ۽ هڙان وڙان سندن اخلاقي ۽ مالي مدد ڪندو رهيو. هن سنڌ ۾ تعليمي سڌاري لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪوششون ڪيون. هالا ۽ دادو جي گورنمينٽ ڪاليجن واري رٿا، لاڙڪاڻي جي ڪامرس ڪاليج، کپري جي هاءِ اسڪول ۽ سکر جي اسلاميه ڪاليج لاءِ سرڪاري مالي امداد منظور ڪرائڻ کانسواءِ هن ذاتي خرچ تي پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائمري ۽ مڊل اسڪول قائم ڪرايا ۽ انهن اسڪولن ۽ صحت مرڪز لاءِ پنهنجي زرعي زمين مفت ڏني. محمد حسين ترڪ هڪ لائق اقتصادي ماهر ۽ علم دوست شخـص هـو. هـو عـلامه آءِ. آءِ. قاضي، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي ۽ حاجي احمد ملاح جهڙن برک عالمن جي صحبت ۾ رهيو. هن اقتصاديات، زراعت ۽ سماجي موضوعن تي ڪيترا مضمون ۽ ڪتاب لکيا. ان کانسواءِ هن سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي نصابي ڪتابن جي سڌاري ۽ واڌاري ۾ به ڪافي حصو ورتو. سندس وفات 8 جنوري 1992ع تي اڌ رنگ جي ڪري ٿي. محمد حسين ترڪ جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) اقتصاديات جا ابـتـدائـي اصـول (چـار ڇـاپا) (2) اقـتـصـاديـات جـا اهـم نُڪـتـا (چـار ڇـاپا) (3) پاڪستان جا اقتصادي مسئلا (چار ڇاپا) (4) حيدرآباد جي اقتصادي تاريخ (اردو ۽ انگريزيءَ ۾) (5) پاڪستان ۾ عوامي دور جا پهريان پنج سال(77-1971ع)، وغيره قابل ذڪر آهن.


لفظ ترڪ محمد حسينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو